پَرَڏيھُ جي سنڌي معنيٰ
پرديس، پرديش، پرانھون ڏيھ، پرائو ملڪ يا وٿاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Not own country, abroad, other place.
پَرَڏيھُ جا بيتن ۾ حوالا
پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون،
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو،
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 17 ]
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 17 ]
English Meaning
Not own country, abroad, other place.