پوڄَ جي سنڌي معنيٰ
گهڻو، ججهو، جام، بي انداز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Large amount, plenty, enough, countless.
پوڄَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ،
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ،
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 3 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 3 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ،
أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ پوڄَ پَنوَهارَ
ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ،
سَٻاجها سَتارَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 12 ]