ٻَھَ ٻَھَ جي سنڌي معنيٰ
چمڪو، تجلو، روشنائي. ٻَھڪو، خوشي، بھاري. واھ واھ، خوشيءَ جو آواز. (صفت) گهڻو، جهجهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Twilight, lightening, happiness, hurraah (sound of happiness) Wow wow.
(adj) Large, enough, huge.
ٻَھَ ٻَھَ جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]

ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ،
ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ،
لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،
سي شِينھَن پَسِئو شُڪرانا ڪَري، ڀانئي ڪَرَھَنِ جا ڪَپارَ،
ھُو گُهمَنِ ۾ گِنوارَ، ھِيءَ ڀانئي اُٺَ بَلوچَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 20 ]

بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون،
اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ،
ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
راڻِنِ وَرِي روءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 12 ]