ٻارَ جي سنڌي معنيٰ
ننڍڙا ڇوڪرا يا ڇوڪريون، ٻالڪ، ٻچا، طفل. ابھم ، معصوم. ڪنبو، ڪٽنب، عورتون، خاندان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
سام يعني پناھ ھيٺ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Infants, children, infantile, simpletons, immatures, family, in shelter
ٻارَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

سُيَئِي ڪا تَنوارَ، ڪِي ھُونئَن ئِي ٿِي ھَٿَ کَڻِين؟
سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ،
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 1 ]
سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ،
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 1 ]
سِرُ تانسِيئنءَ نَہ ڏِيان، حَمِيراڻا ٻارَ،
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]
مُون وَٽِ مَھائِي گَهڻا، تُون ڪَرِ مِيرَ ٿَھارَ،
اُڇَلي عِراقِيَنِ سين، ڌَڙُ ڪَندوسين ڌارَ،
رِڻمَلُ رَبَ اَھارَ، ٿو سَمُو سونَهرِي ھَڻي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 15 ]
آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ،
ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 17 ]
ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 17 ]
اَڄُ گهُرجين يارَ، بَڊاماڻِي بُنِرا،
ڪاڇي ٻَئي ٻارَ، اَچي ويرِيَنِ ويڙِھِئا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 9 ]
ڪاڇي ٻَئي ٻارَ، اَچي ويرِيَنِ ويڙِھِئا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 9 ]
اَڌُ لوئِي اَنگَ تي، اَڌَ ۾ ٻَچا ٻارَ،
اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 20 ]
اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 20 ]
پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو،
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
جِيَنِ سين سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،
جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھرَ اَگُوندِرا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 7 ]
جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھرَ اَگُوندِرا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 7 ]
English Meaning
Infants, children, infantile, simpletons, immatures, family, in shelter