يَزِيدَ جي سنڌي معنيٰ
ڪربلا واقعي جو کل نايڪ، امام حُسين عليہ السلام جو دشمن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Yazid ibn Mu'awiya ibn Abi Sufyan, commonly known as Yazid I, was the second caliph of the Umayyad Caliphate.
يَزِيدَ جا بيتن ۾ حوالا
سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
جَنِي جهيڙئو ڪالَهہ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 2 ]
جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 3 ]
حَسَنُ ناھِ حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نَہ ٻاھُون،
ساڻيھُ شَهزادَنِ جو، آھي آڳاھُون،
يَزِيدَ جُلاھُون، تيلان ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 9 ]
ساڻيھُ شَهزادَنِ جو، آھي آڳاھُون،
يَزِيدَ جُلاھُون، تيلان ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 9 ]
ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا،
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 5 ]
English Meaning
Yazid ibn Mu'awiya ibn Abi Sufyan, commonly known as Yazid I, was the second caliph of the Umayyad Caliphate.
يَزِيدَ ٻول جا زمرا