وِھَڻُ جي سنڌي معنيٰ
هيٺ ويھڻ، رهڻ، ٿڪڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To sit or take a seat, it implies the movement between any.
وِھَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جَي سِکين تَہ سَگهو ٿِيين،
اَڳِين عادَتَ مَٽِ، تَہ اَگها عاجِزُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 19 ]

سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪَڙي،
وِھَڻُ واٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي،
ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 11 ]

چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 2 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين،
وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين،
الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين،
مَن عَرَفَ نَفسَهُ فَقَد عَرَفَ رَبَهُ ، ڏيلا ڏِٺائِين،
پِرِتان پِيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 20 ]

ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو،
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي،
پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ،
سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،
ھِنيَين ساڻُ ھَليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 13 ]

پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ،
ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ،
مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ ڏِئومِ،
سَرَتِيُون ساھُ سَندومِ، ٿِئو حَوالي ھوتَ جي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 26 ]

راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ،
ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي جَرُ ھارِيان.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 23 ]

اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِ جا ٿاڪَ،
پاڻَ نَہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ اُوءِ نَہ عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 20 ]