وِڳَندُ جي سنڌي معنيٰ
شاھ لطيف جي ھڪ فقير جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of Shah Abdul Latif's fakir.
وِڳَندُ جا بيتن ۾ حوالا
وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ،
جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.
[ سُر بلاول، وڳند، 3 ]
جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.
[ سُر بلاول، وڳند، 3 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ،
گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.
[ سُر بلاول، وڳند، 1 ]
گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.
[ سُر بلاول، وڳند، 1 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ،
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ
اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر بلاول، وڳند، 2 ]
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ
اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر بلاول، وڳند، 2 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ،
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪِنُو ٿِي ڪوجهو،
ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 5 ]
ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 5 ]
داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ويٺو پَسُ،
تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلودو آزارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 9 ]
تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلودو آزارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 9 ]
داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو،
بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو،
دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان ڪِينَ ڪِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 10 ]
بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو،
دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان ڪِينَ ڪِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 10 ]
اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ،
ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 11 ]
ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 11 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ،
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ،
عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.
[ سُر بلاول، وڳند، 6 ]
گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ،
عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.
[ سُر بلاول، وڳند، 6 ]
English Meaning
Name of Shah Abdul Latif's fakir.
وِڳَندُ ٻول جا زمرا