وِڄَڙِيُنِ جي سنڌي معنيٰ
کنوڻينِ، تجلن، آسماني چمڪاٽن، بجلينِ، وِڄلينِ، برقينِ، بجرنِ، دامنينِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lightenings, thunder-bolts.
وِڄَڙِيُنِ جا بيتن ۾ حوالا
روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو،
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 8 ]
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 8 ]
وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو،
وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ،
کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 9 ]
وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ،
کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 9 ]
ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي، وِڄَڙِيُنِ واري،
سُورُ تَنِي جو سُومَرا، مُون کي ٿو ماري،
اللهَ اوتاري، مَنَ مارُوءَ جي ميڙِيين.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 10 ]
سُورُ تَنِي جو سُومَرا، مُون کي ٿو ماري،
اللهَ اوتاري، مَنَ مارُوءَ جي ميڙِيين.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 10 ]
وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا، مَٿان آئِي مُندَ،
اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَہ ڪَرِينِ بُوندَ،
هِيئَن نَہ ٿِيَسِ هُوندَ، جَي ڪَرَ لَڌائُون ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 15 ]
اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَہ ڪَرِينِ بُوندَ،
هِيئَن نَہ ٿِيَسِ هُوندَ، جَي ڪَرَ لَڌائُون ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 15 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪاماري،
وُٺا پَٽَ پُراڻِ جا، اُٺِيُون ساماري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، پَسو وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 11 ]
وُٺا پَٽَ پُراڻِ جا، اُٺِيُون ساماري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، پَسو وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 11 ]
جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِيُون کِنوَنِ،
پائُرُ سَڀَ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيُنِ،
مارُوءَ ري مَ مَرَنِ، اللهَ آسائِتِيُون.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 11 ]
پائُرُ سَڀَ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيُنِ،
مارُوءَ ري مَ مَرَنِ، اللهَ آسائِتِيُون.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 11 ]
English Meaning
Lightenings, thunder-bolts.