وَڍَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ڪپڻ، ڪترڻ. گهائڻ، چيرڻ، ڦاڙڻ، وڍي رکڻ، چھڪ ڏيڻ، چاڪ ڪرڻ، قطع ڪرڻ. فيصل ڪرڻ. ٽُڪر ٽُڪر ڪرڻ. (ڪن) ڏٻا ڪرڻ. (ڌنڌي ۾ ڪنھن کي) لڳائڻ. (وڍيو، وڍيندو، وڍيل). (نُنهن) لاهڻ، ڪپڙا (ويٽڻ).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cut, cut off, lop, hew.
وَڍَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ،
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]
English Meaning
To cut, cut off, lop, hew.