وَسِيلو جي سنڌي معنيٰ
اُپاءُ، آڌار. وچ، اعتدال، اوسط، شفاعت، ثالثي، فائدو. دست اندازي، وچ ۾ پوڻ واري حالت، مدد، حمايت، سرپرستي، مربي گيري. اَجهو، آڌار. ذريعو حليو. واسطو، پناھ، آسرو، خاص اصطلاحي معنيٰ ۾”قرآن شريف“، ڀلو وسيلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A patron, protector, supporter. Protection, shelter.
وَسِيلو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي،
ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳانڍو اَئِين آھِيو،
پاسي ۾ پَرِٽِ جي، جيڪي اُٺَ جُهڪايو،
وِلَهِيءَ جي وِھانءَ ۾، واڄَٽَ سَڀَ وَڄايو،
اُگَهاڙِي آتَڻ ۾، پَنھِنجِي پاڻَ پَراھِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، صُورَتَ کي مَ سَڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَھَرَ جا، مَعذُورِ کي مَرڪايو،
پُنهونءَ ڄامَ پَريٽِ سين، ويھِي سُورَ وِرَھايو،
لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندي گهوٽَ وَناھِيو،
پُنهونءَ ڄاڃِيَڙَنِ کي، رَڌي کيڻَ کارايو،
پَرَڻائي پُنهونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙايو،
ٻيلِي ٿِي ٻانڀَڻِ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکاريو.
[ سُر آبڙي، وايون، 3 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جامو جامَ ،
سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ،
بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 3 ]

مُون رَتُ رُنُو ٿي رائي، مُون رَتُ وَھايو ٿي رائي،
کَڻِيو پيرُ پُنهونءَ جو،
جيڪُسِ مُئيءَ جا جيڏِيُون، وِئَڙا لاڳاپا لاھي،
آئُو سُتِي ھُون ھَلِئا، وِئَڙا ڪَرَھَل ڪاھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِي وَسِيلو آھي.
[ سُر حسيني، وايون، 19 ]

گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ،
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]

ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ،
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]

ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ وَسِيلو وِچِ،
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ مَڙِيائِي ھيڪَڙي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 10 ]

سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ،
جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 6 ]

ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ قُدامَ،
وِچِ وَسِيلو ناھِ ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ،
ھِنيَين لاھي ھامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 16 ]