نِگاھَ جي سنڌي معنيٰ
نھار، اک ٽيٽَ، سرسري نظر، ڏسڻي، نرت. نظر، بصارت، جوت، ديد، درشٽ. تيور. جاچ، سنڀال، سار، سنڀار. خيال، راءِ، ويچار. ڄاڻ، شناخت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sight, glance, look, view, observation, attention, custody, favour, aspect, care, custody, surveillance, vigilance, watching, observation, attention.
نِگاھَ جا بيتن ۾ حوالا
گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَھمَنِ ڪِي وَھلُورَ،
جَنھِن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنھِن کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 2 ]

جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعُورَ سين،
مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 1 ]

تَڙِ تَماچِي آيو، مَٿي تَڙَ تَنھا،
اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ،
تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 22 ]

آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ،
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ،
مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 5 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]

لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو،
اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ،
لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 11 ]

ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ،
روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 1 ]