نِنڊان جي سنڌي معنيٰ
ننڊ ڪندي، ننڊ جي سبب يا ڪارڻ، ننڊ جي ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Because of sleeping, cause of sleep. The reason is sleeping.
نِنڊان جا بيتن ۾ حوالا
اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري،
نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ،
ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،
سي ڪوھُ پُنهون پُڇَنِ جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 12 ]
نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ،
ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،
سي ڪوھُ پُنهون پُڇَنِ جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 12 ]
سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو ماھُ،
واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 20 ]
واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 20 ]
وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا،
اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ ھيرِئو نيڻَ،
لوٺِيُون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيُون ويڻَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊان نيڻَ،
راتِڙِيُون جاڳَنِ جٖي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيڻَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 9 ]