نانءُ جي سنڌي معنيٰ
نالو، نامُ، اسم، نانوُ. لقب، خطاب. ناموسَ، هاڪ، ناماچار، مشھوري، ساراھ، شھرت، ساک. ڀرم، عزت، آبرو. اخلاق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name, appellation, fame, reputation, character, renown, a noun.
نانءُ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وانءُ،
مَٿان سائِرَ سُهڻِي، پِرتِ وَٺِجي پانءُ،
نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، وانءُ پِريان جي پارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 33 ]
مَٿان سائِرَ سُهڻِي، پِرتِ وَٺِجي پانءُ،
نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، وانءُ پِريان جي پارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 33 ]
اوجَهڙِ وَٽان آنءُ، ٻِيُون سَڀَ سَڳَرِ ساٿَ جي،
جا نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، سا مُون جِيئَن پُوندي مامِري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 5 ]
جا نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، سا مُون جِيئَن پُوندي مامِري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 5 ]
ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ،
پَنھِنجو رَکِي نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 29 ]
پَنھِنجو رَکِي نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 29 ]
جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ اوڏِيائي مَڱان،
ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 3 ]
ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 3 ]
مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين،
ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو،
تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 6 ]
ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو،
تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 6 ]
عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ،
سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 15 ]
سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 15 ]
لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]

ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي آھِيان،
آئُون آھِيان جيڏِيُون.
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان،
پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين اُٺايان.
[ سُر ديسي، وايون، 19 ]
آئُون آھِيان جيڏِيُون.
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان،
پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين اُٺايان.
[ سُر ديسي، وايون، 19 ]
گهوڙَنِ ھَنئِي سَڀَڪا، اُٺَنِ ھَنئِي آنءُ،
جَا نِينھَن ڳنَهندِي نانءُ، سا مُون جِيئَن پُوندِي مامِري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 4 ]
جَا نِينھَن ڳنَهندِي نانءُ، سا مُون جِيئَن پُوندِي مامِري.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 4 ]
پُورِئا دَرَ مَ پَنُ، جَنِ پِنِيي پُورَتِ نَہ ٿِئي،
ڏيھَ ۾ ڏاتَرُ ھيڪِڙو، نانءُ تَنھِين جو ڳِنُهہ،
جَو زَينَ رَساڻي دِنُ، ڏيئِي ڏُرمائي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 50 ]