مِھرَ جي سنڌي معنيٰ
مھرباني، رحم، ڪھل، قِياس، ٻاجهہ، مرحمت، بخشش، مغفرت. احسان، ٿورو، وڙ. قرب، محبت، پيارُ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Kindness, mercy, compassion. The desire or rut in a female camel or mare for the male.
مِھرَ جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 14 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱَنِ لائي،
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي،
ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ تان.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 31 ]
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي،
ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ تان.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 31 ]
سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين،
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ،
بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ،
ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ،
مُون تان مِھرَ نَظَرُ، پِرِين لاھِ مَ پانھِنجو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 25 ]
بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ،
ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ،
مُون تان مِھرَ نَظَرُ، پِرِين لاھِ مَ پانھِنجو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 25 ]
بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ،
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]
چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِينيين،
لُطِفُ ٿِئو لَطِيفُ چئَي، مِھرَ ڪِي مِيين،
ڏُکِيءَ کي ڏيِين، سَراهِيُون ساڻيھَ جُون.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 8 ]