مِڙِئا جي سنڌي معنيٰ
مڙيا، ڪٺي ٿيا، ملي ويا، گڏيا، مليا، مڻڻ، ڀِڙيا، گڏجي ويا. گڏجاڻي ڪيائون، ملاقاتي ٿيا. ميڙ ٿيا، ڪٺ ٿيا، گڏ ٿيا، جملي ٿيا، ڪَٺو ٿيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To meet, to be collected, assembled, gathered together, stricken in cooking. To be well dissolved in water dal etc.
مِڙِئا جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 5 ]
ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ وَتُ مَ ويسَلِي،
تان ڪي جاڳِي اورِ اللهَ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
سي پُڻ رُوَندا رَتُ وِئا، مِڙِئا جٖي مَرِي،
سُتي سَڄَڻُ نَہ مِڙي، آھي اِيءَ ڳَري،
ٻِيُون اِنَ اوسِيڙي آڌِيءَ اُٿِيَنِ، تُون ڍاڳي ڍَرِي،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَرَ ڏي دِلِ وَري،
ويئِي ميرائِي مَنَ مان، سَڀَڪا ڳالِهہ سَرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 6 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ،
ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ،
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ وارَ،
لَکين چُھِٽِيَسِ لُوھَڻِيُون، ٿيلِهيُون ٿَنِئون ڌارَ،
مِڙِئا مَڇَ ھَزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 18 ]