مُٺِي جي سنڌي معنيٰ
مُٺَلَ. گوندري، گُوندر ڀريل، غم ۾ ٻُڏل، غمگين، ڏُکاري، ڏکويل. اڙيي، ڦاٿي، جهلي. گرفتار ٿيل، ورتل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bad, weak, diluted, lessened in force etc. base as coin, coin with some inferior metal mixed in it, alloyed. In small demand, dull
مُٺِي جا بيتن ۾ حوالا
جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن،
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتڻُون پاڻان،
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون،
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 22 ]
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 22 ]
ڪِھَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون،
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
ڇو ڄاڻان وي لوڪَ مُٺِي آھِيان،
گهاءُ مِٺاندا ڇُٽَندا نَھِين، ظاھِرَ ڪِيتا تَنِ اَکِيان.
[ سُر آبڙي، وايون، 8 ]
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ ڇَڏِ،
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 9 ]
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 9 ]
فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ،
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]
مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ،
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]
جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، مُٺِي آئُون مَعذُورِ،
رَڙان رُوئان جيڏِيُون، سَڙان اِنَهِيءَ سُورِ،
ڏيھُ جَنِي جو ڏُورِ، سي راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 17 ]