مُدامُ جي سنڌي معنيٰ
هميشه، ٻاروهي، نِتُ، سدائين، سدا، دائِمُ، دائما، روز، لڳاتار، بنا ناغي جي، مُداسي. پُراڻو، قديم، ڪُھنو، ڀُتو، آڳاٽو، اڳيون، پَراچين، پِراتن، اڳوڻو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Eternal, perpetual, everlasting, permanently, always, continually, eternally.
مُدامُ جا بيتن ۾ حوالا
اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]

شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ،
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]

مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ،
مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 11 ]