مُحِبَ جي سنڌي معنيٰ
اي محبوب، حُب وارا، پيارا، پريتم. دوست، سنگتي، يار، سڄڻ. لالَڻَ، ساجن، پرين، ڍولڻ، دلبر، دل وارا، جانب، جاني ، سُپرين، مِٺا، مَنَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
O beloved! love, darling, dearest. O sweetheart!
مُحِبَ جا بيتن ۾ حوالا
جيڏِيُون وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنِ، جَهلِيان پَليان ھِينئڙونَہ رَھي،
مَرُ مَران مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،
آئُون مُيائِي گهورِي، جَي مان مُحِبَ مِڙَنِ،
آئُون جَنِ جي آھِيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَنِ،
گهَڻين ڀَتين گهورِي، سَندَڙِي ٻاجَهہ ٻِيَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 8 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻانھُون،
ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون،
موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 16 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي،
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]

آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا جَنِ،
تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 37 ]

پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهرِيين وَرَنَ،
اُٺي ٿِي اُتَھِين، ڇاڇِ سَڀَڪا ڇَنَ،
جي مُحِبَ اَندَرِ مَنَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 17 ]

مُحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اللهُ،
توکي ساري ساھُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 18 ]
توکي ساري ساھُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 18 ]
دوسِتَ ڪُھائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي،
اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳالِهہ اِسرارَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 3 ]

ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]