مَڱُ جي سنڌي معنيٰ
پِنُ، گهُرُ، سوال ڪر، صدا ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beg, ask, do request, beseech.
مَڱُ جا بيتن ۾ حوالا
جيھُسِ ڪونَہ جَھانَ ۾، سِنڌُ سُورَتَ ھِندُ ھاڻِ،
دَرِ داتا مَڱُ مَنگَتا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ،
پاٽُوندَرُ پاڻُ، مَنَ حالُ پَسِي ڀالُ ڪَري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 8 ]

مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،
صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا مُنھَن ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 52 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا،
سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينَتِيُون ويھِي،
پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ ڪَري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 51 ]