مَڪي جي سنڌي معنيٰ
عربستان جو هڪ مشھور شھر، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ڄمڻ جو شھر. مڪه مڪرمه .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A famous city of Saudi Arabia, where Prophet Muhammad (PBUH) was born.
مَڪي جا بيتن ۾ حوالا
مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ،
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ،
وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 14 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ،
وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 14 ]
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]