مَٿاھِين جي سنڌي معنيٰ
بُلندي، اُتاهين، اُچائي. چاڙه.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Height, greatness, loftiness.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
مَٿاھِين جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ماٿَرِ مَٿاھِين،
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين ھُونِ ڪَپارَ،
تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ،
تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي مَٿاھِين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 13 ]
تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ،
تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي مَٿاھِين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 13 ]
English Meaning
Height, greatness, loftiness.