مَحڪُمُ جي سنڌي معنيٰ
مضبوط، پائيدار، جٽادار، مستحڪم، برقرار، کپ کوڙ، پختو، ڏاڍو، قابو، سوگهو، اَچل، ٿِر، سخت. اَٽل، اَڻ ٽر، نِسچل.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Firm, tight.
مَحڪُمُ جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون،
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 30 ]
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 30 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ،
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ
اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر بلاول، وڳند، 2 ]
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ
اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر بلاول، وڳند، 2 ]
اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ،
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ،
ڀورِي تو سين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتِرا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 8 ]
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ،
ڀورِي تو سين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتِرا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 8 ]
English Meaning
Firm, tight.