لوچان جي سنڌي معنيٰ
نھاريان، ڳوليان، ڦوليان، ڍُنڍيان، جانچيان، سوجهيان، دَوڙان، ڏسان، جاچيان، وائسيان، وائٺان، تلاش ڪيان ٿي، ڦولهيان، کوجيان، سوجيان، ڳولا ڪيان، تلاش ڪيان. اندر جهاتي پائيان، پاڻ پسان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Searching for, seeking, desiring, wishing for.
لوچان جا بيتن ۾ حوالا
کامان پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،
تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان،
سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 14 ]

سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 8 ]

راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ،
سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 3 ]