لائِقُ جي سنڌي معنيٰ
نيڪ، ديانتدار، وڙائتو، لائقن ڀريو، ڳڻن وارو، لياقت ڀريو، سنوپرو، ڳڻونت، قابل، سمجهو، هوشيار، شائستو. جوڳو، جوڳ، شايان، واجب، موزون، مُباح، ٺيڪ، بجا، درست، برابر، لَلائتو، جڳائتو، ٺھندڙ، اُچيت، مناسب، معقول، اُچت. پورو، ڪم جو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Worthy, fit, suitable, becoming, proper.
لائِقُ جا بيتن ۾ حوالا
توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي،
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]
ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 9 ]
مَٿو مَٿانئِي گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،
سو موُن ٿِيي نَہ ھَٿان، جَنھِن تُون لائِقُ مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 15 ]
سو موُن ٿِيي نَہ ھَٿان، جَنھِن تُون لائِقُ مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 15 ]
سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ ڀَرِ ڳايائِين،
اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين،
تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 8 ]
اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين،
تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 8 ]
ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
ڪافَئُون ڪَري ڪُرِنِشُون ٻَڌِي اُڀِيا ٻانھُون،
اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، رَتو رُنائُون،
سَناسِيَنِ سَيِّدُ چئَي، مِلِيُون مُدَعائُون،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ ، چِٽو چَيائُون،
لائِقُ لَڌائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 22 ]

ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ،
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]
ساري سَناسِيَنِ جِيئَن، لائِقُ رَکِجِ لانگَ،
تَہ چاريئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪَرين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 5 ]
پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]