قَيدِ جي سنڌي معنيٰ
بند ۾، روڪ ۾، بندش ۾. گرفت ۾. گرفتاري اندر. جيل ۾، ترم اندر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Imprisonment, captivity.
قَيدِ جا بيتن ۾ حوالا
قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ،
بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ،
پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،
ٿَڌِي وَسائيجاھُ ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿان،
پويون ٿِييمِ پَساھُ، تَہ پُڻ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 20 ]

مَنان مارُوئَڙَنِ، ڇَنِ نَہ وييَسي وِسَرِي،
قَيدِ ڪِئَڙِيُئِي ڪوٽَ ۾، ڏاڍا سين ڏاڍَنِ،
پَلئو پَنوَھارَنِ، سوسُ مُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 24 ]

سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي،
تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي،
ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي،
قَيدالماءِ اَشَدُ مِن قَيدِ الحَدِيدِ، اِها رَمزَ رَهِي،
وَڃي لوهُہ لَھِي، تَہ مِلان مارُوئَڙنِ کي.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 8 ]

ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري،
سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ،
واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ جَهنگَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 38 ]