قَيدُ الماءِ جي سنڌي معنيٰ
“داڻي پاڻي جو قيد”
(ھڪ عربي چوڻي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Restriction of eating and drinking"
(An Arabic proverb)
قَيدُ الماءِ جا بيتن ۾ حوالا
قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان،
ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 10 ]
ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 10 ]
قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]
جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان،
عُمَرَ تو ھَٿان ٿِئي آجائي آجَڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 12 ]
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان،
عُمَرَ تو ھَٿان ٿِئي آجائي آجَڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 12 ]
قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
پَنجِينءَ راتِ پَيغامَ، مُڪَمِ مارُوءَ ڄامَ ڏي،
ويرِيُنِ ويڙِهِي آھِيان، وَرِجِ وِيرَ وَرِيامَ،
الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْڪَافِرِ ، ماڙيءَ ۾ ماتامُ،
ڀانيان قَيدُ قِيامَ، تي ڏُکِئا ڪاٽِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 6 ]