قَمَرُ جي سنڌي معنيٰ
چنڊ چَندر ماھ، ماھتاب، مَھ. (مئڻو) آسمان تي ڌرتيءَ ٻاھران گردش ڪندڙ ھڪ گرھ، جيڪو سج جي روشنيءَ تي چمڪندو آھي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
The moon, moon.
قَمَرُ جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
جَا نِشانِيءَ نُورَ جِي، سا پِرِينءَ پيشانِي،
جوڙِيَلُ ڪو نَہ جَھانَ ۾، سَندُسِ ڪو ثانِي،
قَمَرُ قُربانِي شَمسُ سَڄَڻَ تان گهورِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 34 ]
جوڙِيَلُ ڪو نَہ جَھانَ ۾، سَندُسِ ڪو ثانِي،
قَمَرُ قُربانِي شَمسُ سَڄَڻَ تان گهورِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 34 ]
جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ،
شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟
[ سُر کنڀات، چنڊ، 35 ]
شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟
[ سُر کنڀات، چنڊ، 35 ]
ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،
اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ،
قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 36 ]
اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ،
قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 36 ]
English Meaning
The moon, moon.