قَرِيبَنِ جي سنڌي معنيٰ
محبوبن، يارن، ساٿين. پرين، سڄڻن، عزيزن، رشتيدارن، مِٽن، خويشن، سڪن، سنگتين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloveds, nears, loved ones, friends, pals
قَرِيبَنِ جا بيتن ۾ حوالا
جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي،
بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ،
سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 5 ]

ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون ويٺِي وِرِھَ چَران،
اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران،
اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 1 ]

ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]

لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ،
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]

دَردَ نَہ توکي دَنگِئو، دَردَ نَہ ڏِنَئي دَنگَ،
ڪارِي قَرِيبَنِ جا، کُتَئِي نيڻَ خَتَنگَ،
اَڳَ نَہ پَڙِهيَئِي اَنگَ، سَبَقَ اِنَهِيءَ سُورَ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 27 ]

اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،
آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ،
سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 2 ]

ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ،
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]

قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ ٽِلي،
کَڻِئو کِيانتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِئو کِلِي،
لائِي جَنھِن لالَڻَ سان، مُنھِنجِي باتِ بِلي،
سو وَرُ چَشمَنِ تي چَلي، جَو دَربارِي دوسَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 32 ]

ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پَسِي تَنُ، سُورنئِوُن صافُ ٿِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 19 ]

جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري،
اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ،
مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ پُورَڀَ جِي پَچارَ،
لائي وِئا لَطِيفُ چئَي، اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاھُوتان لالُ ٿِيان.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 14 ]