طَعني جي سنڌي معنيٰ
مهڻي، اوڀالي، تُنڪي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Taunting, reproaching, gibe, scoff, sarcasm, sneer.
طَعني جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڪِئو،
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 2 ]
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 2 ]
طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
گولِي بَندِي آھِ، زَرِخَرِيدَ جَتَنِ جِي،
آجِپَڻُ آرِيچَنِ جو، سَسُئِيءَ تان نَہ سُھاءِ،
اِنَ طَعني کي توڙائِين، ويٺِي مُنڌَ واجهاءِ،
دائي دَرَ مَنجهان، شالَ مَ ڪَڍَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 11 ]
آجِپَڻُ آرِيچَنِ جو، سَسُئِيءَ تان نَہ سُھاءِ،
اِنَ طَعني کي توڙائِين، ويٺِي مُنڌَ واجهاءِ،
دائي دَرَ مَنجهان، شالَ مَ ڪَڍَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 11 ]
جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو،
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون طَعنو ئِي تُون،
سو ڪِي سَرِئوسُون، جو سَرَتِيءَ ڪَنھِن نَہ سَرِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 22 ]
سو ڪِي سَرِئوسُون، جو سَرَتِيءَ ڪَنھِن نَہ سَرِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 22 ]
جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ، اُتِ ھُئا آسَڻَ آڌوتين جا.
وَڄائي واٽَ ٿِئا، ساجَ سِڱِيُون سامان،
اوڏِيءَ مَهلَ حَوا کي، پيئِي ڪَلَ ڪَڻي جِي ڪانہ،
ھُئا جوڳِي ٽِڪَڻَ جا نَہ، ڪَنھِن طَعني ليءِ تِيرَٿِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 19 ]