صَدقي جي سنڌي معنيٰ
گهوري، نثار، قربان، فدا. طفيل، بدولت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Alm, offering.
صَدقي جا بيتن ۾ حوالا
پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 8 ]
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 8 ]
نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ،
ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ،
لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،
قَلبُ قُربانِي ڪَرِيان، مَٿان دِلِ دوسِتَنِ،
ھِنيَين ۽ اَکِيُنِ، ڦاھِي کاڌِي پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر آسا، مجازي مام، 15 ]