سِنڌُ جي سنڌي معنيٰ
سنڌڙي، آڳاٽن زمانن کان موجود ھڪ ملڪ جو نالو. موجودہ دور ۾ پاڪستان جي هڪ صوبي جو نالو. سِنڌُو درياءُ، مِھراڻِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sindh, pre historically one of the oldest civilization of the word. One oldest country, now a province of Pakistan.
سِنڌُ جا بيتن ۾ حوالا
جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]

جيھُسِ ڪونَہ جَھانَ ۾، سِنڌُ سُورَتَ ھِندُ ھاڻِ،
دَرِ داتا مَڱُ مَنگَتا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ،
پاٽُوندَرُ پاڻُ، مَنَ حالُ پَسِي ڀالُ ڪَري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 8 ]

جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾،
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ،
پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ،
مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ فَقِيرَ،
وَرُ ڇڏِئو واهَڙُ تَري، ساهَڙُ مَنجِهہ سَرِيرَ،
ڪُٻَنِ ڪِينِهي پِيرَ، مُرشِدَ مَساڻَنِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 9 ]

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ،
ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 20 ]