سِسِي جي سنڌي معنيٰ
مُنڍي، ڳِچي، سِري، سِيسُ. ڪنڌ، گَردن. ڍورن جو هڪ عدد، ڪَنُ. هيتريون سسيون يا هيترا ڪن
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
The head and neck.
سِسِي جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]
ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، جِيئَن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ،
ٻَڙَڪِي ٻاھَرِ نِڱِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،
سِسِي ڏيئِي سامَ، سُتِي سَنگهَرِ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 23 ]
ٻَڙَڪِي ٻاھَرِ نِڱِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،
سِسِي ڏيئِي سامَ، سُتِي سَنگهَرِ پَٽِيين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 23 ]
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي،
سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي،
تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ ڪِرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تُنھِنجِي ٻِيجَلِئا دانھَن ٻُرِي،
جُهونا ڳَڙُه جُهرِي پيئِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 13 ]

کِيمو کاڌِيمِ کيتَ سين، مانِيءَ ماڳِ مِسِي،
بازَرِ تُنھِنجِي بَنگُلا، ڏَهڪِئُمِ ڏِيلُ ڏِسِي،
ڦاٽِي هِنيُون ڦارِيُون ٿِئو، تَنھِن ڦوڙائي کان ڦِسي،
جان هُوندِيَمِ ساڻُ سِسِي، تَہ ويڙِه نَہ ويندِيَمِ وِسِري.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 19 ]
بازَرِ تُنھِنجِي بَنگُلا، ڏَهڪِئُمِ ڏِيلُ ڏِسِي،
ڦاٽِي هِنيُون ڦارِيُون ٿِئو، تَنھِن ڦوڙائي کان ڦِسي،
جان هُوندِيَمِ ساڻُ سِسِي، تَہ ويڙِه نَہ ويندِيَمِ وِسِري.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 19 ]
ڏِيَڻُ گهَڻو ڏُھِلو، سِسِي ڏيَڻُ سُکُ،
سو تان ڏِياچَ ڏُکُ، جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 14 ]
سو تان ڏِياچَ ڏُکُ، جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 14 ]
سِسِي سي گُهرَنِ، جٖي واڻيندَلَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 33 ]
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 33 ]
English Meaning
The head and neck.