سُونھون جي سنڌي معنيٰ
رهبر، واقفڪار، ڄاڻو، خبردار، معلومات رکندڙ. اڳواڻ، هادي، پيشوا، مھندار، سردار، معلم، اڳواڻ، آرڪاٽي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Guide, knowing person, leader, consultant, educator, one who knows the paths and ways.
سُونھون جا بيتن ۾ حوالا
اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪو نَہ،
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون،
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 11 ]
سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 11 ]
ھَلو ۽ مَلهو، ڏُکُ مَ پَسو ڏوٿِئا،
سُونھون جو ساٿَنِ جو، سو مُون ھوتُ سَلو،
آن پُڻ ٿِيي ڀَلو، آئُون پُڻ گَڏِجا پِرِينءَ کي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 25 ]
سُونھون جو ساٿَنِ جو، سو مُون ھوتُ سَلو،
آن پُڻ ٿِيي ڀَلو، آئُون پُڻ گَڏِجا پِرِينءَ کي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 25 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ،
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون،
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 15 ]
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 15 ]
سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ، ڪو نَہ سُڄي سُونھون،
دُکائي دُونھُون، وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 7 ]
دُکائي دُونھُون، وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 7 ]
English Meaning
Guide, knowing person, leader, consultant, educator, one who knows the paths and ways.