سُومَرا جي سنڌي معنيٰ
سومرا ھڪ اوائلي ذات. اي سومرا! عمر مارئي جي قصي ۾ عمر بادشاھ جي ذات جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An old caste of Sindh. In story of Umer Marui, the surname of King Umer.
سُومَرا جا بيتن ۾ حوالا
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

سيئِي ساريان سُومَرا، جَنِ جا ٿَرَنِ اَندَرِ ٿاڻا،
چارِيان هُوندَ چَڱا ڪَري، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا،
جَنِ جا وارِيءَ وِڇاڻا، سي ٿِي سارِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 2 ]

اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان،
ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ
پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون پيھِنِ وَٽِ،
مَرڪان مارُوئَڙَنِ سين، پَکو اَڏي پَٽِ،
سُورُ مُنھِنجو سُومَرا، ڪارَڻِ قادِرَ ڪَٽَ،
تِھَڙِي سيڄَ سُومَرا، جِھَڙو پائُرَ پَٽُ،
پيرُون چُونڊِيندِيَسِ پِرِينءَ سين، ڪانبو ڪانبيِ وَٽِ،
کِيرُون ڏِيان جيڏِيين، وَڃان جَي وَرَ وَٽِ،
مُون ڏُکِيءَ ڪِھَڙو ڏوھُ ڪِئو، ٻِيُون سَڀَ وَرَنِ وَٽِ.
[ سُر مارئي، وايون، 14 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]

ويڙِھِيُون جَنِ ٻانھُنِ ۾، ڍيرِيُون ٿا ڍيرِينِ،
ڪوڪَڙُ پَنھِنجي قُوتَ لاءِ، وَڻَنِ ۾ ووڙِينِ،
ٻِي ڀيلَ نَہ ڪا ڀيلِينِ، تَنِ جِي سامَ پَرَتِيَئِي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 15 ]

جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران ڪوٽَ مان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 20 ]

جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ،
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]

جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين،
تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 2 ]

عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ،
سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 15 ]