سُورِھَہ جي سنڌي معنيٰ
بھادر، دلير، پھلوان، ھمت وارا، جوڌا، شير مرد، سورمُا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Brave, knight, unbeatable, victor
سُورِھَہ جا بيتن ۾ حوالا
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِبَيتَ آيا،
ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 7 ]
ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 7 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]
سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
ڳِجُهنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجها ڏُکَ گَهڻا،
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 2 ]
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 2 ]
English Meaning
Brave, knight, unbeatable, victor