سُلطانَ جي سنڌي معنيٰ
ڪل اختيار وارو بادشاھَ، شَهنشاھَ، حڪومت جا مالڪ، حڪمران، فَرمانرَوا، شاھَ، پاتشاھَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
King, emperor.
سُلطانَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ،
راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ،
گهورِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، تُنھِنجي قَدَمَ تان قُربانُ،
مَٿو ھِيءُ مَھمانَ، ھَلِي چَئُہ تَہ ھُتِ ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 13 ]

ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ،
تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ،
جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو، طَرَحَ تُنبَي جي تانَ،
مُون وَٽِ مالَ مَتاعَ جي، ڪَمِي آھي ڪانَہ،
رُوحَ رُچَندا مَڱڻا، تو دَسِ ڏِيان دانَ،
مِيان مِھرِبانَ، چوري تَندُ چَئيجِ ڪِي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 2 ]

مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي،
سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي،
تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ ڪِرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تُنھِنجِي ٻِيجَلِئا دانھَن ٻُرِي،
جُهونا ڳَڙُه جُهرِي پيئِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 13 ]

راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ،
تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ،
تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطانَ ڏي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 20 ]

صُلِحُ ڪَرِ سُلطانَ سين، ڪَڍِي گَهلِ گهَران،
تَہ تُون تَھِين داران، ڏِھاڻِي ڏارَ لَھين.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 2 ]

آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن،
پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن،
مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 9 ]

ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ،
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]