سَناسِي جي سنڌي معنيٰ
سنياسي، فقِيرَن جو هڪ ٽولو، تياڳِي، رَمتُو، تارِڪُ، جوڳِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of religious mendicant, devotee.
سَناسِي جا بيتن ۾ حوالا
راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 2 ]
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 2 ]
ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ،
سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرُورَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 1 ]
سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرُورَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 1 ]
سورَھين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڪا بُولي ڪاھِين،
چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ،
ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ،
اِنَهِن ۾ آھِينِ، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 16 ]
چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ،
ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ،
اِنَهِن ۾ آھِينِ، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 16 ]
ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي،
سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي،
ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾ جوئِي،
ڪَنھِن سين اورِينِ ڪِينَڪِي، سَناسِي سوئِي،
لَنگهائِينِ لَطِيفُ چئَي، راتِ سَڄِي روئِي،
سامِي سَڀَيئِي، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 18 ]

چووِيھِينءَ چَلَڻَ جِي، ويراڳِيَنِ وائِي،
ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين،
آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي،
سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 24 ]
ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين،
آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي،
سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 24 ]
اُوڻَٽِيھَن آيا، سَناسِي سَرتاجَ،
حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ،
ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 29 ]
حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ،
ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 29 ]
ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي، وَتَنِ ۾ وَھلُورَ،
ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ،
چِتَ جَنِي جا چُورَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 1 ]
ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ،
چِتَ جَنِي جا چُورَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 1 ]
ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ،
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]
آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا،
پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، ڳُجهو ڳالَهائي،
ڪالَهہ سَناسِي سِڱِيُون، وِئَڙا وَڄائي،
اِيندا آديسِي وَرِي، دُونھِيُون ڌَڳائي،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ھِيءُ سَڱُ ساڱاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اُو اِھَڙو ئِي آھي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 5 ]

اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ جا،
ويٺا وَڄائِينِ، جٖي سَناسِي سُڻين.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 22 ]
ويٺا وَڄائِينِ، جٖي سَناسِي سُڻين.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 22 ]
English Meaning
A kind of religious mendicant, devotee.