سَرُ جي سنڌي معنيٰ
ٻُوڙي جو قسم. سر جي ڪاني مان ٺهيل تير. ٻاڻ، تير، ٽينگر، پيلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of reed or grass from which a kind of cord munj is made. Saccharum sara. A wooden arrow.
سَرُ جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو،
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو،
ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو،
ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 6 ]

طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ،
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي،
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
English Meaning
A kind of reed or grass from which a kind of cord munj is made. Saccharum sara. A wooden arrow.