سَرَتِنِ جي سنڌي معنيٰ
سنگتياڻين، ادين، جيڏين، ننڍي ھوندي کان گڏ سکين، سَکين، ڀينرن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)
سَرَتِنِ جا بيتن ۾ حوالا
جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو،
پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ خَرانو،
سَرَتِنِ سِيلُ چَوايو، جورِ ھَڻِي جانو،
تو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 2 ]

جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، جَي تِھَڙِي مِلان تَنِ کي،
ڦِران ڦَرَ چارِيان، ھِنيُون چَئيمِ ھِيئَن،
ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، ڪاڻِ لَھَندِيَمِ ڪِيئَن،
مُندائِتي مِينھَن، سُونھان سَرَتِنِ وِچَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 2 ]

ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ،
تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،
سَرَتِنِ ساڻُ سَمُنَ، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 30 ]

آھِمِ اُٺي مِينھَڙين، سَمُنَ سَرَتِنِ ساڻُ،
ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِهيچَنِ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 31 ]

سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]

چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي،
سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ،
ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ نَہ وِسِري.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 17 ]

سَتِيُنِ ڳالِهہ سُئِي، تَڏِهِين سَرَتِنِ سِنجَڻُ ڇَڏيو،
ماڙيچِي ماڙِيين، ڪَڏِهِين ڪانَہ هُئِي،
عُمَرَ آئُون نَہ مُئِي، اِنَ اوڀالا اَڳَھِين.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 18 ]

پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جو، مُون وَٽِ ڪو آيو،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئو سَڀَ ڏيھُ سَوائو،
ٻاجَهرِ پَڪِي ٻاجَهہ ٿِي، لَٿو ڏولائو،
جو سَرَتِنِ ساڃائو سو هِينئَڙو هِتِ نَہ وِندُري.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 9 ]