سوگهو جي سنڌي معنيٰ
قابو، جوپُ، پَڪو، پختو، ڏاڍو مضبوط. کُپُ کوڙ، محڪم، ثابت قدم، وير جوان، هٿيڪو. صحيح سلامت، سلامت، محفوظ، سانڀيو، ٿانيڪو، سالم، پورو، آجوکو، بي ضرر، بلائتو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Secure, safe, firm, gripped.
سوگهو جا بيتن ۾ حوالا
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪِيچِيَنِ لَئي ڪَڙھِيو،
پَهاڙَنِ تي پَٻَ جي، وَڃان چوٽِيَنِ سينءَ چَڙِهيو،
ڪَري ساجَنَ سوگهو، سَندُمِ جيءُ جَڙِيو،
لَڪَنِ تان لَڙِيو، پيرُ نِھارِئان پِرينءَ جو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 23 ]
پَهاڙَنِ تي پَٻَ جي، وَڃان چوٽِيَنِ سينءَ چَڙِهيو،
ڪَري ساجَنَ سوگهو، سَندُمِ جيءُ جَڙِيو،
لَڪَنِ تان لَڙِيو، پيرُ نِھارِئان پِرينءَ جو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 23 ]
جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين،
سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ،
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوھُ مُنھِنجي ڏِينھَن، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 12 ]
سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ،
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوھُ مُنھِنجي ڏِينھَن، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 12 ]
جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو،
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 7 ]
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 7 ]
English Meaning
Secure, safe, firm, gripped.