ساعَتَ جي سنڌي معنيٰ
وقت جو ھڪ ايڪو، هڪ ڪلاڪ جو عرصو، هڪ گهڙي 24 منٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A unit of time, hour, minute, second, a moment, a short time, a little while
ساعَتَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو،
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي،
موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي،
سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 36 ]
موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي،
سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 36 ]
آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ،
اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ،
سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 17 ]
اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ،
سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 17 ]
سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سِينءَ،
پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.
[ سُر آسا، مجازي مام، 14 ]
پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.
[ سُر آسا، مجازي مام، 14 ]
زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ،
ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ،
ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 24 ]
ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ،
ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 24 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا ھُونگَ نَہ ھُون،
سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي مُلاقاتِ ڪِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 4 ]