رَڱُ جي سنڌي معنيٰ
رنگ، روغن. ورن. چِٽُ، نقش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dye, color, paint.
رَڱُ جا بيتن ۾ حوالا
اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي،
جِيئَن تَران تِيئَن تارِ گهَڻو، تُنھِنجو بَحرُ بَلي،
سو ميھارومِ مِلي، آھِيان جَنھِن جي آسِري.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 9 ]

وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُنِ ڏيئِي رَڱُ،
مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 16 ]

جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان،
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ،
اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو دَمُ،
ميڙي ميندِيءَ گُلَڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، پَلَيءِ، راتِ لَڳَڙِي وَڃُ،
مُون تَوِھِين سين نَہ ڪِئو، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ سَڱُ،
جان ڪوھِيارو ڪيچَ ۾، تان مُون ڀَئِي نَہ ڀَنگُ،
[ سُر ڪوھياري، وايون، 7 ]