رَسِيلا جي سنڌي معنيٰ
رس وارا، رسائتا. گهڻي رس وارا. لذيذ، سوادي. مٺي آواز وارا، وڻندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Juicy, of pleasant flavors. Melodious.
رَسِيلا جا بيتن ۾ حوالا
ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي،
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھايَسِ پاڻَ،
جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 6 ]
جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 6 ]
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين،
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾،
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]
English Meaning
Juicy, of pleasant flavors. Melodious.