دُکَ جي سنڌي معنيٰ
ڏُک. درد، پيڙا، آباد. رنج، افسوس، غم، ارمان، مرض، گوندر، بيماري. اهنج، تڪليف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pain, ache, grief, sorrow, anguish, misery, suffering, distress, afflication, sickness.
دُکَ جا بيتن ۾ حوالا
سُپيرِيان جي سُورَ جي، ڪَنھِن کي دُڪِي دُکَ،
ڏُکِيءَ وَٽان ڏُکَ، وَڃَنِ نَہ ويرَ ڪَھِين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 8 ]
ڏُکِيءَ وَٽان ڏُکَ، وَڃَنِ نَہ ويرَ ڪَھِين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 8 ]
دِلِ ڌوتائِين دُکَ سين، ڌاڳا ھَڏِ نَہ ڌوءِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، رُوحان اَندَرِ روءِ،
ڪو نَہ ڏِٺوسُون ڪو، سَناسِي سُورَ ري.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 21 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، رُوحان اَندَرِ روءِ،
ڪو نَہ ڏِٺوسُون ڪو، سَناسِي سُورَ ري.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 21 ]
آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ،
تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 8 ]