دانھُون جي سنڌي معنيٰ
رَڙيُون، ڪُوڪُون، پُڪَارون، رِيھُون، راڙا، واڪا. روڄَ، رودَنَ، رَڙو راڙو، واءِ ويلا، ٻاڪر ڪُٽا، زاريون، پُڪارون، ڪُوڪارُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cries, callings, vows, vocaling, mournings.
دانھُون جا بيتن ۾ حوالا
اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ،
اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن،
ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 34 ]

پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي،
گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 31 ]
گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 31 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻانھُون،
ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون،
موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 16 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]

پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]

آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ اَڳاھُون،
ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانھُون،
دَردَ جُون دانھُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 1 ]

ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ ڄَرَ ڄَراٽِئو جِندَڙو،
دانھُون ڪَري دَردَ جُون، ماڳَهِين ھُوند مُئِي،
سَندِي دَرَدَ دَئِي، ھئَي ھئَي سان ھِيڻِي ٿِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 30 ]

اوٺِيَنِ جَهلي اَڏَ، دانھُون واڪا مُون ڪِئا،
سُڻِي مُنھِنجا سَڏَ، پاڻان پَراھان وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 30 ]

اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون،
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]