خامُ جي سنڌي معنيٰ
ڪچو، اڻ پڪل، اڻ رسيل، ناپختو. ردي، خراب. ناقص، عيبدار، وِڏ وارو. ناتجربيڪار، اناڙي، نادان، ڄٽ، جاهل، نالائق، اڻ لائق، ڪُڍنگو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Raw, unripe, green, crude, inexpert, inexperienced, immature, puerile, rough, unsound, imperfect.
خامُ جا بيتن ۾ حوالا
خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]

مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ ۾ اِبلِيسُ،
اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 31 ]
اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 31 ]
عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 22 ]