حُضُورِي جي سنڌي معنيٰ
قُرب، نزديڪي، ويجهڙائي، حاضري. (صفت) حضور جو، حضور ۾ پھتل، واصل بِالله. بادشاهي درٻار يا ڪچھري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
(محبوب جي) حضور ۾ يعني درٻار ۾ پھتل، (محبوب جو) حضور يعني ديدار يا وصال ماڻيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Near one, fast, closed, united with high regard
حُضُورِي جا بيتن ۾ حوالا
رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ،
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 21 ]
ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ،
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 21 ]
اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، تَہ ٿِيَسِ ساڃارِي سين سَڄَڻين،
دائِمُ اِنَ دَرٻارِ جا، ڦَران پَسِئو ڦيرَ،
جَنِ حُضُورِي ھيرَ، ڪَري تَغِيرِيُون تَنِ سين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 14 ]
دائِمُ اِنَ دَرٻارِ جا، ڦَران پَسِئو ڦيرَ،
جَنِ حُضُورِي ھيرَ، ڪَري تَغِيرِيُون تَنِ سين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 14 ]
ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي،
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي،
کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 7 ]
کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 7 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي وِجُهہ مَ جِيءُ،
ھَنجَ حُضُورِي ٿِيءُ، تَہ ماڻِيين ڪُونرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 15 ]
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي وِجُهہ مَ جِيءُ،
ھَنجَ حُضُورِي ٿِيءُ، تَہ ماڻِيين ڪُونرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 15 ]
تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 5 ]
جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 5 ]
English Meaning
Near one, fast, closed, united with high regard