حَقَ جي سنڌي معنيٰ
سَچَ، صدق، سچائي. (صفت) صحيح، برابر، پورو، سچو. درست، ٺيڪ، بجا، ثابت، قائم، لازم، لائق، واجب، حلال، جائز، مباح، روا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Truth, right, due, just claim, equity, justice. (adj) Just, right.
حَقَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ،
نَہ مَلاحُ نَہ مَڪُڙِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 6 ]
نَہ مَلاحُ نَہ مَڪُڙِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 6 ]
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ،
ھي جٖي آڏا حَقَ، ڪَندا ڪوھُ ڪَندِينِ کي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 16 ]
ھي جٖي آڏا حَقَ، ڪَندا ڪوھُ ڪَندِينِ کي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 16 ]
طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ،
لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،
ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 21 ]
لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،
ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 21 ]
سوڍا شَرمايُون، پَسِي عَيبَ اَڳِيان،
نَڪَ نِرجايُون ھُيُون مُنھِنجي حَقَ ۾.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 20 ]
نَڪَ نِرجايُون ھُيُون مُنھِنجي حَقَ ۾.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 20 ]
ڏُونگَرَ ۾ ڏِياٽُ، صُبُوحِ ٻَرِئو سُڃَ ۾،
کاھوڙِيَنِ کاٽُ، ھَنيو گهَرَ ۾ حَقَ جي.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 15 ]
کاھوڙِيَنِ کاٽُ، ھَنيو گهَرَ ۾ حَقَ جي.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 15 ]
ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾،
وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون،
جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 16 ]
وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون،
جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 16 ]
مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ،
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلۡمُحۡسِنِين ، خُوشئان خُوابُ نَہ ڪَنِ،
اِيءُ وِردُ وِيراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 24 ]

اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين تان سيئِي،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي.
تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 5 ]
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي.
تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 5 ]
اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا،
تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو تَنھِن ڌَڪَ،
ڪانُ ڪوھِيارِي جو ھَنيو، رُئاڙِيُسِ اُنَهِيءَ رُڪَ،
آگا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون کي ھادِي ميڙِيين حَقَ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 26 ]