جاڳُ جي سنڌي معنيٰ
جاڳي پئُُہ، بيدار ٿي، ننڊ ڇڏ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Aware, be awake.
جاڳُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن،
جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن،
سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي، چَئِجِ چَيَمِ جِيئَن،
تُون پُڻ آڻِجِ تِيئَن، جِيئَن کَرَنِ خَبَرَ نَہ پَئي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 39 ]
جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن،
سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي، چَئِجِ چَيَمِ جِيئَن،
تُون پُڻ آڻِجِ تِيئَن، جِيئَن کَرَنِ خَبَرَ نَہ پَئي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 39 ]
سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ،
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ،
جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،
لاھُوتِيءَ ڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 14 ]
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ،
جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،
لاھُوتِيءَ ڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 14 ]
سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري،
جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ،
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 4 ]
جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ،
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 4 ]
ڪِي سُمُهہ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري،
سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 5 ]
سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 5 ]
English Meaning
Aware, be awake.