تُنھِنجِيُون جي سنڌي معنيٰ
تو واريون، تون واريون، ضمير واري اضافي صورت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Yours, of your
تُنھِنجِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾،
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]
English Meaning
Yours, of your